درس 1

درس 1 (ذات): درس بنيادي طور تي سماٽ قبيلي سان تعلق رکن ٿا، درس لفظ ’مدرس‘ مان ورتل آهي، يعنيٰ اهي ماڻهو جيڪي مدرسن ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪندا هجن. مذهبي ڳالهيون ٻڌائڻ يا واعظ وغيره ڪرڻ وارا. شجري جي حوالي سان راجا رائڌڻ جي اولاد مان پليءَ کي چار پٽ هئا، درس، ساند، پليجو ۽ اوڍو. انهن مان درس جو اولاد ’درس‘ سڏجي ٿو. درسن جو شجرو هن طرح آهي: درس پٽ پلي پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمون پٽ لاکو پٽ انڙ پٽ لاکو. درس سنڌ جي اڪثر وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد آهن. سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار، اديب رسول بخش درس ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعر حسن درس (مرحوم) جو واسطو به درس ذات سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو